ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ 9 پئسا گهٽتائي ٿي آهي،انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 9 پئسا سستو ٿيڻ بعد 279 رپيا 70 پئسا ٿي ويو،ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 279 رپيا 79 پيسا تي هو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات ۾ مخلوط رجحان ڏٺو ويو جيڪو بعد ۾ مثبت ۾ تبديل ٿي ويو،پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 497 پوائنٽن جي واڌ سان 64 هزار 951 تي پهچي ويو،ڪالهه، انڊيڪس 64,454 پوائنٽن تي بند ڪيو ويو.










