ڪراچي(رپورٽر)پاڪستاني روپي جي قيمت آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ اضافو جاري اڄ انٽر بينڪ ۾ ڊالر جي قدر ۾ 28 پئسا ڪمي ٿي ۽ هن وقت 156.71 تي وڪرو ٿي رهيو آهي.گذريل سال 9 مارچ تي ، ڊالر 156.58 رپيا تي هو ، جنهن کان پوءِ اهو 168.43 جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو هو.آگسٽ 2020 کان هاڻ تائين ڊالر جي قدر ۾ 7 سيڪڙو ڪمي آئي آهي.










