ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي جنهن سبب پاڪستاني رپيو پنهنجي قدر وڃائي رهيو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 15 پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ اڄ 284 رپيا 28 پئسا ٿي ويو آهي.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 283 رپيا 85 پئسا تي بند ٿيو.ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ رپيو مهانگو ٿيڻ کان پوءِ 289 رپيا ٿي ويو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ منفي ڪاروباري رجحان ڏٺو ويو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 298 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 41 هزار 531 تي پهچي ويو.ڪالهه 100 انڊيڪس 41 هزار 829 پوائنٽس تي بند ٿيو.










