ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) انٽر بئنڪ ۾ روپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي.سومر ڏينهن ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي ۽ ڪاروبار بند ٿيڻ تي ڊالر 51 پئسا مهانگو ٿي 213.98 رپيا تي بند ٿيو. اڄ اڱاري ڏينهن به ڪاروبار شروع ٿيڻ تي ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي ۽ ڊالر 69 پئسا گهٽجي 213.20 رپيا تي واپار ڪري رهيو آهي. ان کان علاوه اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ ڊالر جي قيمت 210 رپيا آهي.










