واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر هالينڊ جي راڻي ميڪسيما سان ملاقات ڪئي آهي.ملاقات ۾ مالياتي شموليت ۽ برابري واري بئنڪنگ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ هالينڊ جي راڻي ميڪسيما ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته هو گڏجي ڪم ڪن ته جيئن بحث هيٺ آيل معاملن تي تيزي سان پيش رفت ٿئي.ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار سان انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مختيار ديپ به ملاقات ڪئي.ان موقعي تي ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ نجي شعبي جي ترقي کي هٿي وٺرائڻ ۾ آءِ ايف سي جي ڪردار کي ساراهيو.ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ٽريڊ فنانس ۾ آءِ ايف سي جي شموليت وڌائڻ جي ممڪن طريقن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ناڻي واري وزير ان حوالي سان آءِ ايف سي کي تمام ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو.مختيار ديپ ناڻي واري وزير کي پاڪستان سان آءِ ايف سي جي مسلسل تعاون جو يقين ڏياريو.اهي ملاقاتون عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ۽ ورلڊ بئنڪ جي سالياني اجلاسن جي موقعي تي ٿي گذريون.










