ڊار جي بيلاروسي هم منصب سان ملاقات، علائقائي امن تي اتفاق

ڊار جي بيلاروسي هم منصب سان ملاقات، علائقائي امن تي اتفاق

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) شنگهائي تعاون تنظيم (SCO) جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل اجلاس جي موقعي تي چولپون آٽا ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار بيلاروس جي پرڏيهي وزير مسٽر ميڪسم ريزنڪوف سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي دفتر جي ترجمان موجب، ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بيلاروس جي ٻه طرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ بيلاروس جي گڏيل وزارتي ڪميشن جي 9 هين اجلاس جي انعقاد جي آجيان ڪئي وئي، جيڪو 11 کان 12 آگسٽ تائين اسلام آباد ۾ ٿيندو. ٻنهي ڌرين اعليٰ سطح جي گڏيل رابطن کي جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ترجمان موجب، ملاقات ۾ معاشي، تجارتي، دفاعي، زرعي، ٽيڪنالاجي ۽ انساني وسيلن (افرادي قوت) جي تبادلي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته جامع سهڪار جي روڊ مئپ تي عملدرآمد جي عزم کي پڻ ورجايو ويو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي بيلاروس جي پرڏيهي وزير آمريڪا ۽ ايران جي صورتحال دوران ڳالهين کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي جي فروغ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو