ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊائو يونيورسٽي ڪتي جي چڪڻ تي اينٽي ريبيز ويڪسين ”ڊائو ريب“ تيار ڪري ورتي. ڊائو يونيورسٽي جي ترجمان موجب ڊائو ريب ويڪسين شروعاتي طور تي سنڌ ۾ متعارف ڪرائي وئي آهي، ويڪسين هڪ فون ڪال تي 48 ڪلاڪن ۾ گهربل هنڌ پهچائي ويندي. ڊائو يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر محمد سعيد قريشي هڪ تقريب ۾ ڊائو ريب جو افتتاح ڪندي چيو ته ويڪسين جون 30 هزار خوراڪون ورهائي نيٽ ورڪ کي فراهم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته ڪجهه هفتن ۾ چين کان حاصل ڪچي مال سان ويڪسين جون واڌو هڪ لک 70 هزار خوراڪون تيار ڪيون وينديون.










