ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سيڪريٽري اطلاعات سنڌ نديم رحمان ميمڻ جي صدارت ۾ اڄ آرڪائيوز ڪمپليڪس ڪلفٽن ۾ اطلاعات کاتي جي ڊائريڪٽرن سان گڏجاڻي ڪئي. اجلاس ۾ اطلاعات کاتي جي مختلف ڊائريڪٽوريٽس جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ڊائريڪٽرن کي هدايت ڪئي وئي ته هو پنهنجي کاتي جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ موثر بڻائين ۽ ماتحت آفيسرن ۽ اسٽاف پاران مقرر ڪيل فرضن جي ادائگي کي بهتر بڻائڻ لاء وقت جي پابندي کي يقيني بڻائين. اجلاس ۾ سنڌ جي اطلاعات واري سيڪريٽري هدايتون ڏنيون ته سنڌ حڪومت جي ادارن جي ڪارڪردگيءَ بابت عوام کي آگاهه ڪرڻ لاءِ ميڊيا کي بروقت معلومات، تصويرون، وڊيو ڪلپس ۽ ٻئي پروموشنل مواد جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. اطلاعات واري سيڪريٽري هدايت ڪئي ته سامونڊي طوفان جي حوالي سان حڪومت جي حفاظتي ۽ رليف واري قدمن کي فوري طور تي ميڊيا جي مدد سان اجاگر ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ساحلي علائقن جي انفارميشن آفيسرن کي پنهنجو ڪردار سنجيدگيءَ سان ادا ڪرڻ گهرجي. اجلاس ۾ ڊائريڪٽر جنرل (پبلڪ رليشنز) اطلاعات کاتو سنڌ سوائي خان ڇلڳري، ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ اڪائونٽس محمد يوسف ڪابورو، ڊائريڪٽر ايڊورٽائيزنگ عزيز هڪڙو، ڊائريڪٽر اليڪٽرانڪ ميڊيا معيذ پيرزادو، ڊائريڪٽر فلمز محمد علي رياض ميمڻ، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن حسن اصغر نقوي، ڊائريڪٽر ليگل عظيم شاهه، ڊائريڪٽر پريس حزب الله ميمڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊورٽائيزنگ سارنگ لطيف چانڊيو، سيڪشن آفيسر نذير ۽ ٻين شرڪت ڪئي.










