ڪيف(ويب ڊيسڪ) يوڪرين تي روسي حملي جي ڇهين ڏينهن به بمباري جاري آهي، اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات هڪ عمارت تي ميزائيل لڳڻ سبب 2 فوت ٿي ويا آهن. يوڪرين جي گادي واري شهر ڪيف جي براد ڪاستر ٽاور کي تباهه ڪيو ويو آهي، ملڪ جي ٻئي وڏي شهر خرڪيف ۾ روسي پيراشوٽر شهر ۾ لٿا آهن اترين پاسي کان جنگ جاري آهي، شهر جو ڪنٽرول يوڪرين جي هٿ ۾ آهي ۽ روسي فوجين جوابي ڪاروائي بعد پسپائي اختيار ڪئي آهي. اربع جي صبح جاري ڪيل بيان موجب 21 ماڻهو فوت ٿيا آهن ء۽ 121 يوڪريني شهري زخمي ٿيا آهن. روسي حملي ۾ ميٽرنتي هوم جي عمارت به تباهه ٿي آهي. روسي فوج جيڪا ٻن ڏينهن ۾ قبضي جو سوچي رهي هئي، تن کي توقع کان وڌيڪ سخت مزاحمت ڏسڻي پئي آهي.










