طفيل مگسي
پيارا فيڊل ڪاسترو، هن وقت مون کي توسان پنهنجي دوستي جي باري ۾ ڪافي شيون ياد اچي رهيون آھن.۽ مون اهو ڏينهن چڱي ريت ياد آھي.جڏھن ماريا انتونيا جي گهر ۾ پنهنجي پهرين ملاقات ٿي هئي.جڏھن تو مون کي انقلاب ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني هئي. ۽ انقلاب جي تياري ۾ اسان کي جيڪي مشڪلاتون ڏسڻيون پيون هيون سي اکر ب اکر مون کي ياد اچن ٿيون. هڪ اهڙو دور هئو جڏھن هي سوال ڪيو ويندو هئو ته جڏھن هي سوال ڪيو ويندو هو ته “موت اچڻ تي ڪنهن کي ٻڌائجي .ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهين انقلاب جي رستي ۾ موت اچڻ جو سڀني کي خطرو هو.ليڪن بعد ۾ اسان کي احساس ٿيو ته انقلاب آڻڻ وارا يا ت ڪامياب ٿي ڪري فتح وڪامراني سان سرشار ٿين ٿا يا موت کي ڀاڪر پائين ٿا( جيڪڏھن اهو انقلاب هڪ سچو انقلاب هجي) ۽ اسان جا ڪافي دوست موت سان وڃي مليا.
هن وقت جڏھن ته اسان ڪافي اڳتي نڪري چڪا آھيون ۽ حالتون ب بهتر ٿيون آھن.ليڪن اها حقيقت آھي ت مون انهن سڀني فرضن کي احسن نموني سان نڀايو.جيڪي ڪيوبا ۽ ان جي انقلاب مون تي لاڳو ڪيا هئا. هاڻي مان توکي پنهنجن ڪامريڊ ساٿين ۽ ڪيوبا جي عوام کان موڪلائي رهيو آھيان.مان ڄاڻان ٿو ت مان ۽ ڪيوبا جو عوام انقلاب جي رستي ۾ سفر جا ساٿي هئاسين. اڄ مان پارٽي جي اڳواڻي وزارت خارجا، فوج ۾ ميجر جي رتبي ۽ ڪيوبن شھرت کان استيعفي ڏيان ٿو.هاڻي قانوني طور تي منهنجو ڪيوبا سان ڪو رشتو ناهي رهيو.پر اهي رشتا سدائين رهندا جيڪي ڪڏھن ٽٽي ب نه ٿا سگهن.
جڏھن مان ماضيء ڏانهن نظر ڪريان ٿو ته مون کي احساس ٿيئي ٿو ته مون انقلاب جي ڪاميابي ۽ ڪامراني جي لاء تمام گهڻي محنت ڪئي.منهنجي صرف اها غلطي هئي ته مون شروعات ۾ توتي ڀروسو نه ڪيو هو.مون کي تنهنجي انقلاب ۽ سپه سالاري وارين صلاحتين کي سمجهڻ ۾ ڪجه دير لڳي هئي.مون توسان ۽ ڪيوبا جي عوام سان ڪجه يادگار ڏينهن گهاريا آھن.مون کي انقلاب جي جدوجهد ۾ شامل ٿيڻ تي فخر آھي.اها الڳ ڳالهه آھي ته لريبين بحران جي وقت اسان کي ڪجه تڪليف وارا ڏينهن به ڏسڻا پيا هئا ۽ انهن مشڪلاتن ۾ به تو عوام جي دل وٽان اڳواڻي ڪئي ۽ مون نهايت خلوص سان تنهنجي پيروري ڪئي ۽ تنهنجي ايول کي دل سان لڳايو.
هاڻي مان سمجهان ٿو ته دنيا جي ٻين ملڪن کي منهنجي خدمت جي ضرورت آھي. ۽ تون ان سفر ۾ منهنجو ساٿي نٿو ٿي سگهين.ڇوته تنهنجن ڪلهن تي تنهنجي قوم جي “مستقبل جون ڪافي ذميواريون آھن.ان ڪري هينئر مان انهن کان آزاد آھيان ۽ توکان موڪليان ٿو. مان هن حقيقت جو اقرار ڪريان ٿو ت مان اهو قدم خوشي وچان کڻان ٿو ۽ ڏک ب بي انتها ٿيئي ٿو. ڇوت مان پنهنجي پٺيان پنهنجا خواب،آدرشون ۽ پنهنجا رشتيدار ڇڏي رهيو آھيان.مان هن ڌرتي جي انهن ماڻھن کان الڳ ٿي رهيو آھيان .جن مون کي پنهنجو پٽ ڪوٺيو.مون کي هن ڳاله جو ڏک آھي ته تو مون کي جنهن جنگ جا ادب سيکاريا آھن.مان انهن کي نون محاذن ڏانهن کڻي وڃان ٿو.مان اهو روح ٻين قومن جي عوام منجه ڦوڪڻ چاهيان ٿو.مان سامراج ۽ سندن آقائن جي خلاف جنگ کي پنهنجو مقدس ترين فرض سمجهان ٿو.جڏھن مان ان جدوجهد ۾ شريڪ ٿيان ٿو ت منهنجا زخم ڇٽي وڃن ٿا ۽ منهنجو انگ انگ ٺري پوي ٿو.مان هن حقيقت جو هڪ ڀيرو وري اعتراف ڪيان ٿو ت هاڻي ڪيوبا منهنجن عملن جو ذميوار ناهي .جيڪڏھن هن دنيا کان موڪلائڻ وقت مان ڪنهن ٻيئي آسنمان جي هيٺان ٿيان ت منهنجي دل ۾ ڪيوبا جي ڌرتي ۽ ان جي عوام سان بي انتها چاهت رهندي.
مان تنهنجو نهايت ٿورائتو آھيان.ڇوته مون توکان گهڻو ڪجه سکيو.مان آخري دم تائين تنهنجو وفادار رهندس.مان ڪيوبا جي خارجا پاليسي سان سدائين متفق آھيان.مان جتي به ويندس پنهنجو پاڻ کي ڪيوبا جو انقلابي سمجهندس.مون کي هن ڳاله جو افسوس ناهي ت مون پنهنجن ٻارڙن ٻچڙن جي لاء ڪا مالي ۽ مادي شيء نٿو ڇڏي وڃان.مان انهيء حال ۾ خوش آھيان.مان انهن جي لاء توکان ڪجه به نٿو گهران.مون کي يقين آھي ته ڪيوبا جي حڪومت انهن جو خيال رکندي ۽ انهن جي کاڌ خوراڪ ۽تعليم جو بندوبست ڪندي. مان توکي ۽ ڪيوبا جي عوام کي گهڻو ڪجه چوڻ آچاهيان ٿو.ليڪن اهو سڀ ڪجه چوڻ ضروري ناهي.منهنجا لفظ منهنجن جذبن جي مڪمل ترجماني نٿا ڪري سگهن ۽ لفظن جي بازيگري جي ب حق ۾ ناهيان. اسان سدائين انقلاب ڏانهن وکون وڌائيندا رهنداسين ۽ مان پنهنجي انقلابي جوش سان گڏ توکي ڀاڪر پايان ٿو.
فقط تنهنجو، چي گويرا.










