چيڪ پوسٽ حملو، سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 8 ڄڻا شهيد، 5 زخمي

چيڪ پوسٽ حملو، سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 8 ڄڻا شهيد، 5 زخمي

مير علي: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي قبائلي ضلعي اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ فورسز جي چيڪ پوسٽ تي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 8 ڄڻا شهيد ۽ 5 زخمي ٿي پيا.مير علي جي علائقي عيدڪ ۾ پوليس ۽ آرمي جي گڏيل چيڪ پوسٽ(اسلم) تي آپگهاتي حملي ۾ 8 ڄڻا شهيد جڏهن ته 5 زخمي ٿي پيا آهن.سينئر پوليس آفيسر موجب آپگهاتي حملو ڪندڙ بارود سان ڀريل رڪشو چيڪ پوسٽ سان ٽڪرائي ڇڏيو، شهيد ٿيلن ۾ 4 پوليس اهلڪار، 2 فوجي ۽ 2 عام شهري شامل آهن. ڌماڪي سبب چيڪ پوسٽ سان گڏوگڏ هڪ فوجي گاڏي کي به نشانو بنايو ويو آهي. زخمين کي فوري طور تي ميران شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جنهن سبب شهيد ماڻهن جي انگ ۾ اضافي جو امڪان آهي. سيڪيورٽي فورسز واقعي واري هنڌ جو گهيراءُ ڪري وڌيڪ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر بابر سليم سواتي قيمتي حياتين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته حملي ۾ 4 پوليس اهلڪارن سميت 8 ڄڻا شهيد ٿيا. اهڙين بزدلانه ڪارروائين جي خلاف خيبرپختونخواهه پوليس هميشه اڳيان رهي آهي.ٻئي پاسي هڪ ٻئي واقعي ۾ خيبرپختونخواهه صوبي جي ڏاکڻي ضلعي ٽانڪ جي ڳوٺ گل امام ۾ فوجي قافلي تي ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي ۾ ڪنهن به قسم جي جاني نقصان جو اطلاع نه مليو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو