چيڪ ريپبلڪ حسينا مس ورلڊ 2024 جو مقابلو کٽي ورتو

چيڪ ريپبلڪ حسينا مس ورلڊ 2024 جو مقابلو کٽي ورتو

لنڊن (ويب ڊيسڪ)يورپي ملڪ چيڪ ريپبلڪ جي مس ڪرسٽينا پيزڪووا مس ورلڊ 2024 جو مقابلو کٽي ورتو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب مس ورلڊ 2024ع جي تقريب ڀارتي شهر ممبئي ۾ ٿي جنهن ۾ سڄي دنيا مان ذهين ۽ خوبصورت عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.ميڊيا رپورٽن موجب 111 مقابلن مان يورپي ملڪ چيڪ ريپبلڪ جي ڪرسٽينا پيزڪووا مس ورلڊ 2024 جو تاج کٽي ورتو.مس ورلڊ جي مقابلي ۾ مقابلي ۾ حصو وٺندڙن جي فٽنيس، خوبصورتي، قابليت ۽ عوامي ڳالهائڻ جي صلاحيتن کي جانچيو ويندو آهي. ان کان علاوه هن ڀيري تازي جي 20 سربراهه اجلاس جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ۾ شرڪت ڪندڙن پاران مقابلي جو جائزو ورتو ويو.ميڊيا رپورٽن موجب ڪرسٽينا پيزڪووا بزنس ۽ قانون جون ڊگريون حاصل ڪري رهي آهي جڏهن ته ماڊلنگ ۾ به ڪم ڪري رهي آهي. مس ورلڊ جي رنر اپ لبنان جي ياسمينه زيتون هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو