ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير چيو آھي تھ وفاق کان 147 ارب رُپيا ملڻا آهن، پر لڳي نٿو ته اُهي پئسا ملندا، وفاق سنڌ جا پئسا روڪي ڇڏيا آهن، وڏي وزير طرفان وفاق ۽ ٻين صوبن کان سنڌ جيان گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت 25 هزار رُپيا مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي، پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبن کي چيو ويو ته ويڪسين سپلاءِ جو فڪر نه ڪريو، ويڪسين لڳائڻ جو عمل تيز ڪريو، هاڻي پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ به ويڪسين جي فراهمي جو مسئلو ٿي ويو آهي، صوبي ۾ ماڻهو ويڪسين لڳرائڻ بنا واپس وڃن ٿا، ويڪسين جي فراهمي يقيني بڻائڻ وفاق جي ذميواري آهي، وفاق طرفان ويڪسين خريد ڪرڻ لاءِ ريٽ به نٿا ٻڌايا وڃن. آئون سنڌ جو چونڊيل وڏو وزير آهيان، ڳالهه اتي ختم ٿيڻ گهرجي، سنڌ جي عوام جي توهين وارا بيان ڏيڻ بند ڪيا وڃن، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته بدقسمتي سان اهڙا بيان ڏنا پيا وڃن ته سنڌ ۾ ڪوبه ڪم نٿو ٿئي، اسان کي چيو ويندو آهي ته توهان کي پئسا نه ڏينداسين،کائي ويندئو؟ وفاقي سرڪار سڄي ملڪ سان جيڪو ڪجهه ڪيو آهي، اُهو سڀئي ڏسن ٿا، ججز جا فيصلا ڳالهائيندا آهن ۽ سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته گورنر هائوس اِن لاءِ ناهي ڏنو ته اُتي ويهي ڊيلز ڪيون وڃن، ٽڪرز بدران عدالتي فيصلن کي پڙهڻ گهرجي، نصلا ٽاور ۽ اله دين پارڪ جون زمينون سنڌ حڪومت نه ڏنيون هيون، سڀ ڏسي سگهن ٿا ته ڪي ايم سي ڪهڙي دور ۾ اهي زمينون ڏنيون، سنڌ حڪومت عدالتي فيصلن تي مڪمل عمل ڪري رهي آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير دوران گوڙ ٿيو ۽ سيٽيون وڄايون ويون، تقرير ختم ٿيندي ئي سڀني جون واڇون ٽِڙيل هيون، مون کين چيو ته استعمال ٿي رهيا آهيو، توهان کان وڌيڪ مون کي خبر آهي ته ڇا پيو ٿئي.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو