بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين پنهنجي تاريخ جي بدترين سيلابي صورتحال مان گذري رهيو آهيو ۽ هن وقت تيز بارشن جو سلسلو وچولي چيني علائقي کان اترين پاسي وڌي رهيو آهي. ڪيترن علائقن ۾ 5 کان 13 فٽ پاڻي بيهجي ويو آهي. جنهن سبب ٽريفڪ ۽ مواصلات جو نظام به متاٿر ٿي ويو آهي.

چين جا 33 ئي درياءَ تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويا آهن. 422 کان وڌيڪ چين جون ڍنڍون به بلند سطح تائين ڀرجي ويون آهن. خابرو اداري رائٽر موجب ايئرپورٽ، ريلوي اسٽيشنز متاثر ٿيون آحن ۽ ٽريفڪ به سخت متاثر ٿي آهي. گذريل 30 سالن ۾ درياءَ ڪڏهن ايترو بلند سطح تي ناهن پهتا.

جڏهن ته بارش 1961 کانپوءِ ايتري وڏي پيماني تي رڪارڊ ٿي آهي يعني 60 سالن جي تاريخ ۾ وڏي ۾ وڏي بارش آهي. هن مهل تائين 150 ماڻهو فوت ٿيڻ جو اطلاع آهي ج0هن ته هزارين بي گهر ٿي ويا آهن. مون سون جي بارشن جو سلسلو آگسٽ تائين جاري رهندو.










