چين پاران 58 ارب ڊالرن جو ريلوي لائين منصوبو پيش

چين پاران 58 ارب ڊالرن جو ريلوي لائين منصوبو پيش

بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) منصوبي تحت گوادر کان ڪاشغر تائين 58 ارب ڊالرن جي ريلوي لائين جو سڀ کان وڏو منصوبو پيش ڪيو آهي.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب چين جي بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جي مهانگي ترين منصوبي جي فزيبلٽي رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي.رپورٽ موجب، تجويز ڪيل منصوبي ۾ واپار ۽ جيو پوليٽڪس کي تبديل ڪرڻ جي صلاحيت آهي.ريل لنڪ هڪ وسيع منصوبي جو حصو آهي ته جيئن قديم ريشم روڊ جي رابطي کي بحال ڪيو وڃي.جيڪو مغربي تسلط واري رستن تي انحصار کي گهٽائڻ لاء ريل لنڪ هڪ منصوبي جو حصو آهي رپورٽ موجب سڀ کان مهانگي منصوبي تي 58 ارب ڊالر لاڳت ايندي، 1860 ميل ڊگهو ريلوي نظام گوادر کي سنڪيانگ جي شهر ڪاشغر سان ڳنڍيندو.چيني ماهرن جو چوڻ آهي ته حڪومت ۽ مالياتي ادارا منصوبي لاءِ ڀرپور سهڪار فراهم ڪن. لاڳاپيل قومي شعبن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ تعاون کي وڌايو وڃي، چيني حڪومت کي امدادي فنڊ فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، مضبوط پاليسي جي حمايت ۽ منصوبي جي تعمير لاء ضمانت فراهم ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو