ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته چين سان لاڳاپا ختم ڪرڻ لاءِ ڪنهن به کُلي ڪري ناهي چيو، سي پيڪ تي قومي اتفاق راءِ موجود آهي. اهڙو اظهار هن هڪ نجي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. هن چيو آهي ته ڪنهن کي پسند هجي يا نه هجي سي پيڪ اسان جي ضرورت آهي، هي منصوبو پنهنجي منزل تائين پهچي ويندو ۽ مان واضح ٿو ڪيان ته چين ڪڏهن به ناهي چيو ته توهان آمريڪا سان لاڳاپا خراب ڪيو، اسان بلڪه آمريڪا سان لاڳاپا خراب ڪرڻ نه چاهينداسين، آمريڪا جو چين سان لاڳاپن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهڙي طرح ڪير به ناهي چوندو، انداز هوندا آهن، معنيٰ واريون ڳالهيون هونديون آهن، ان جي پنهنجي ترجيح هوندي آهي، افغانستان جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان هرگز نه چاهيندو ته ڪابل تي قبضو ٿئي، ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته افغان حڪومت به پنهنجي رويي ۾ لچڪ ڏيکاري، طالبان سان گڏ ويهي ڳالهيون ڪري مامرا طئي ڪري، صدر اشرف غني جا ساٿي ۽ طالبان به افغاني آهن، هنن کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ کي ڪرڻو آهي.










