چين جي ٽياڪڙي ۾ سعودي عرب ۽ ايران جي اهم ويهڪ

چين جي ٽياڪڙي ۾ سعودي عرب ۽ ايران جي اهم ويهڪ

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي راڄڌاني بيجنگ ۾ سعودي عرب ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن جي اهم ملاقات ٿي جنهن ۾ ورهين کان معطل سفارتي لاڳاپن جي بحالي جي روڊ ميپ تي ڳالهه ٻولهه ٿي.پرڏيهي خابرو اداري موجب چين ۾ ٿيل ان ٻين ملاقات ۾ سعودي پرڏيهي وزير شهزاد فيصل بن فرحان ۽ ايراني هم منصب حسين امير عبداللهيان ٻنهي ملڪن جي چين ۾ مقرر سفير ۽ ٻيا اعليٰ اختياريون موجود هئا.ان ملاقات ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي جي روڊ ميپ ۽ ٻنهي ملڪن جي طرفان آفيسون کولڻ جي طريقيڪار تي عمل درآمد ان عمل کي تيز بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.چين جي ٽياڪڙي ۾ سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ پهرين ملاقات 10 مارچ تي بيجنگ ۾ ٿي هئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن 2016ع کان معطل سفارتي لاڳاپن جي بحالي تي اتفاق ٿيو هو.ان ٽي ملڪي ملاقات ۾ رياستن جي خودمختياري جي احترام ۽ هڪ ٻئي جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ سوڌو سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ سمورن گڏيل معاهدن جنهن ۾ سيڪيورٽي سهڪار، معيشت، واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالوجي، سائنس، ثقافت، رانديون ۽ نوجوانن جي شعبي جي معاهدن کي فعال ڪرڻ تي به اتفاق ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو