چيني وفد جي ڌاريجي سان ملاقات،گڏيل سهڪار بابت ڳالهيون

چيني وفد جي ڌاريجي سان ملاقات،گڏيل سهڪار بابت ڳالهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صنعت ۽ واپار کاتي جي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو سان تاباني گروپ جي چيئرمين حمزه تابانيءَ جي قيادت ۾ وفد سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ چين جي معروف انفراسٽرڪچر گروپ شاندونگ هاءِ اسپيڊ گروپ جي چيئرمين مسٽر شو شيانگ سميت گروپ جي وفد به شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ سنڌ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ، صنعتي ترقيءَ ۽ معاشي سهڪار جي وسيع امڪانن تي تفصيل سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيني گروپ جي وفد سنڌ جي مختلف شعبن خاص طور تي انفراسٽرڪچر، ٽرانسپورٽ، توانائي ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ سرمايه ڪاريءَ ۽ سهڪار ۾ گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سنڌ ۾ مختلف اسٽريٽجڪ شعبن ۾ گڏيل سيڙپڪاريءَ جي امڪانن جو به جائزو ورتو ويو، جڏهن ته وفد صوبي ۾ موجود سيڙپڪاري جي موقعن ۽ اقتصادي سهڪار جي فروغ بابت صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صوبائي وزير صنعت ۽ واپار ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته سنڌ حڪومت غير ملڪي سيڙپڪاريءَ جي فروغ لاءِ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون ۽ سهڪار فراهم ڪندي. هن چيو ته سنڌ ۾ انفراسٽرڪچر سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جا وسيع موقعا موجود آهن. ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيني وفد کي لاڙڪاڻو اسپيشل اڪنامڪ زون سميت ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ انفراسٽرڪچر جي شعبي ۾ سِيڙپڪاري جي ترغيب ڏيندي چيو ته صوبي ۾ صنعتي ۽ معاشي سرگرمين جي فروغ لاءِ غير ملڪي سيڙپڪاريءَ جو خيرمقدم ڪيو ويندو. ملاقات ۾ سيڪريٽري صنعت ۽ واپار شاديه جعفر سميت ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو