چيني وفد جي ملاقات، سيڙپڪاري جي آجيان ڪيان ٿو:شاهه

چيني وفد جي ملاقات، سيڙپڪاري جي آجيان ڪيان ٿو:شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ زرخيز آهي ۽ سنڌ حڪومت سيڙپڪارن لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي. هن اها ڳالهه اڄ علي هائوس ڪراچي ۾ ٽن رڪني چائنيز سول انجنيئرنگ ڪارپوريشن (سي اي سي) جي وفد سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مڪاني ادارن واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ زرخيز آهي ۽ چيني وفد سنڌ ۾ سيڙپڪاري لاءِ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي لاءِ خاص هدايتون ڪيون آهن جنهن تي سنڌ حڪومت پنهنجي قيادت جي هدايتن کي نظر ۾ رکندي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون ۽ حوصلا افزائي ڪري رهي آهي. صوبائي وزير چيو ته چيني انجنيئرنگ ڪمپني سنڌ ۾ مختلف منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿي ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو جي ويزن موجب عوام کي رليف فراهم ڪندڙ ملڪي ۽ غير ملڪي سيڙپڪاري جي منصوبن ۾ ڀرپور سهڪار ڪيو پيو وڃي. مڪاني ادارن واري وزير چيني وفد جي آجيان ڪئي ۽ سنڌ ۾ سيڙپڪاري جي منصوبن ۾ دلچسپي وٺڻ تي سندن ٿورا مڃيا. وفد ۾ چائنيز سول انجنيئرنگ ڪارپوريشن جي ايم ڊي (سي اي سي) مسٽر وانگ، ايڊوائزر (CCEC) شعيب احمد ۽ ڊپٽي جنرل مئنيجر مسٽر زانگ شامل هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو