چيني صدر جي زرداري کي پاڪستان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد

چيني صدر جي زرداري کي پاڪستان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) چين جي صدر شي جن پنگ آصف علي زرداري کي پاڪستان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.پنهنجي پيغام ۾ چيني صدر چيو ته پاڪ چين دوستي تاريخ جي چونڊ ۽ عوام جو قيمتي خزانو آهي، چين ۽ پاڪستان سٺا پاڙيسري ۽ سٺا دوست آهن. شي جن پنگ چيو ته ٻنهي ملڪن سي پيڪ جي تعمير ۾ مثبت نتيجا حاصل ڪيا. پاڪستان ۽ چين اعليٰ سطحي بدليون برقرار رکيون ۽ ٻنهي ملڪن بنيادي مفادن بابت معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪئي. چيني صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته چين پاڪستان سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو ۽ روايتي دوستي کي اڳيان وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. پاڪستان جي وسيع ترقي جي لاءِ صدر زرداري سان ملي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون.چيني صدر پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن هلندڙ سالن دوران ويجهن لاڳاپن کي برقرار رکيو ۽ پنهنجي پنهنجي بنيادي مفادن ۽ اهم خدشن بابت معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪئي.صدر شي جن پنگ به اهو چيو ته پاڪستان اقتصادي راهداري جي تعمير ۾ اهم نتيجا ڏيندڙ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ٻنهي طرفن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندي خطي جي ترقي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪيو وڃي.صدر شي جن پنگ چيو ته دنيا هن وقت هڪ صدي ۾ نظر نه ايندڙ تيز رفتار تبديلين کي منهن ڏئي رهي آهي جنهن جي ڪري چين پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ اهميت حاصل هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو