چيني صدر جو امريڪي صدر کي فون، 7 مهينن بعد رابطو بحال

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) امريڪي صدر جو بائيڊن ۽ چين جي صدر شِي جِن پنگ ۾ ڪورونا ۽ خطي جي اسٽريٽيجڪ صورتحال ۽ ٻطرفن معاملن تي ڳالهيون ٿيون آهن. صدر جو بائيڊن جي خواهش تي چيني صدر کيس فون ڪئي. صدر بائيڊن جو خيال آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ ننڍي سطح رابطا مناسب ناهن مسئلا وڏا آهن جن کي حل ڪرڻ گهرجي. ٻنهي اڳواڻن لاڳاپن ۾ بهتري ۽ گڏيل دلچسپي جي مامرن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. امريڪا ۽ چين ۾ رابطا وڌائڻ تي به اتفاق، الزامن ۽ پابندين سبب ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي هئي.  امريڪا ۽ چيني صدر وچ ۾ 7 مهينن کانپوءِ فون تي رابطي دوران 90 منٽن تائين ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صدر شي جن پنگ چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي مستقبل جي لاڳاپن ۽ دنيا جي منزل بابت معاملا طئي ڪرڻ نازڪ معاملو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو