ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت سان چين جي نئين قونصل جنرل يانگ يونڊونگ جمع ڏينهن سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سي پيڪ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت نئين چيني قونصل جنرل کي صوبائي حڪومت جي سهڪار جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته صوبائي حڪومت ۽ سنڌ جو عوام چين سان ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ صوبي ۾ توانائي ۽ زراعت جي شعبن ۾ چيني ڪمپنين ۽ واپارين لاءِ سيڙپڪاري جا تمام سٺا موقعا موجود آهن.ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت چيو ته هو ٻوڏ دوران چيني حڪومت جي تعاون کي ساراهي ٿو. ملاقات ۾ سنڌ ۾ زراعت ۽ ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ چيني قونصل جنرل يانگ يونڊونگ صوبائي حڪومت جي حمايت ۽ سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو. چيف سيڪريٽري سنڌ قونصل جنرل کي سنڌ جي ثقافتي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پيش ڪئي.










