چيف جسٽس کي فوري استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، مريم نواز

چيف جسٽس کي فوري استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، مريم نواز

لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيف جسٽس آف پاڪستان جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اختيارن جي غلط استعمال سپريم ڪورٽ ۾ بغاوت جهڙي صورتحال کي جنم ڏنو آهي.پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مريم نواز جو وڌيڪ چوڻ هو ته چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال عمران خان جي حمايت ڪندي قانون ۽ آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي، اختيارن جي غلط استعمال سبب سپريم ڪورٽ ۾ بغاوت جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جنهن تي سنجيده سوال آهن. انصاف جي رويي ۽ تعصب تي اٿاريو ويو آهي.مريم نواز چيو ته اڄ تائين ڪنهن به چيف جسٽس تي اهڙي بدانتظامي جو الزام ناهي لڳايو، چيف جسٽس جو رجحان تحريڪ انصاف ڏانهن اهم آهي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو