اسلام آباد (اياز مهر) چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف وزيراعظم عمران خان کي 3 نالا موڪلي ڇڏيا آهن. قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ ۽ مسلم ليگ ن جي شهباز شريف وزيراعظم عمران خان کي خط لکيو آهي جنهن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ 3 نالا تجويز ڪيا آهن. پنهنجي خط ۾ شهباز شريف جو چوڻ آهي ته 6 ڊسمبر تي چيف اليڪشن ڪمشنر جو آئيني مدو مڪمل ٿي رهيو آهي آئين جي آرٽيڪل 213 (2) اي تحت وزيراعظم قومي اسيمبلي ۾ قائد حزب اختلاف سان مشاورت ڪري. وزيراعظم اپوزيشن ليڊر جي مشاورت سان پارلياماني ڪميٽي جو چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري يا ٻڌڻي لاءِ نالا موڪليندو آهي. هن چيو ته منهنجو ڄاڻ مطابق آئين تحت توهان کي اهو مشاورت وارو عمل گهڻو وقت اڳي شروع ڪرڻ گهرجي ها اليڪشن ڪميشن جهڙي آئيني اداري کي غيري فعال هجڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ۾ ٻيهر مشاورت جو عمل شروع ڪري رهيو آهيان. شهباز شريف پنهنجي خط ۾ نئين چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ ناصر محمود کوسه، جليل عباس ۽ اخلاق احمد تارڙ جا نالا موڪليا آهن ۽ چيو آهي ته بغير تاخير جي اهي نالا تجويز ڪيا آهن ۽ منهنجي نظر ۾ اهي ممتاز شخصيتون ان منصب جي لائق آهن ۽ اميد ٿو رکان ته توهان جي طرف کان ان ٽن نالن جي حوالي سان جواب جلدي ملندو. پنهنجي خط ۾ شهباز شريف چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي ٻن ميمبرن جو عهدو هن وقت تائين خالي آهي اليڪشن ايڪٽ 2017 سيڪشن 3 تحت اليڪشن ڪميشن جي بينچ گهٽ ۾ گهٽ 3 ميمبرن تي مشتمل هجڻ گهرجي، چيف اليڪشن ڪمشنر هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ميمبر مقرر نه ٿيا ته پوءِ اليڪشن ڪميشن غير فعال ٿي ويندو. بلوچستان ۽ سنڌ کان اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري لاءِ مشاورت به ضروري آهي. ٻئي طرف قائد حزب اختلاف شهباز شريف اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ چيئرمين سينيٽ کي لکيل خط ۾ بلوچستان کان شاهه محمود جتوئي ايڊووڪيٽ، اڳوڻو ايڊووڪيٽ محمد رئوف عطاءَ ۽ راحيله دراني جڏهن ته سنڌ لاءِ نثار دراني، جسٽس (ر) عبدالرسول ميمڻ ۽ اورنگزيب حق جا نالا تجويز ڪيا آهن.










