اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چوڌري شجاعت حسين کي پارٽي صدارت تان هٽائڻ واري معاملي تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته چوڌري شجاعت پاڪستان مسلم ليگ ق جو صدر برقرار رهندو.فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته سينٽرل ورڪنگ ڪميٽي جي ڪارروائي جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي.










