چوڌري شجاعت جو مدو پورو ٿي چڪو آهي: پرويز الاهي

چوڌري شجاعت جو مدو پورو ٿي چڪو آهي: پرويز الاهي

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته چوڌري شجاعت جو مدو پورو ٿي ويو آهي ان ڪري سندس ننڍي ڀاءُ کي صدر بڻايو ويو آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته خاندان فيصلو ڪيو آهي ته چوڌري شجاعت کي سياست ڪرڻي آهي ته ڪري، عمران خان سان گڏ آهيون.حڪومت تي تنقيد ڪندي چوڌري پرويز الاهي چيو ته امن امان جي صورتحال تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، دهشتگردي وڌي رهي آهي، ملڪ ڊفالٽ ڏانهن وڃي رهيو آهي.هن چيو ته نگران سيٽ انتقامي ڪاروايون پيو ڪري هر طرف مهانگائي جو طوفان آهي، اگهن ۾ واڌ ڪري رنڊڪ پئجي ويو آهي، خيبرپختونخواهه جي گورنر اليڪشن جو وقت ڏنو آهي، هاڻي اليڪشن ٿيڻ ڏيو،پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چيو ته مان جيڪو ڏسان ۽ سمجهان ٿو اهو چوندو رهندو آهيان، پنجاب ۾ اليڪشن ٿيندي، پنجاب جي وڏي وزير جو فيصلو تحريڪ انصاف ڪندي،هن چيو ته اسان کي گڏ رهڻو آهي، اسان کي ڪا لالچ ناهي، مان ٻه ٽي ڀيرا پنجاب جو وڏو وزير رهي چڪو آهيان، مريم نواز جو ايئرپورٽ تي شو فلاپ هو، هي ماڻهو متحد نه ٿي سگهيا.چوڌري پرويز الاهي جو اهو به چوڻ آهي ته سندس اميدوارن جون ضمانتون ضبط ٿينديون، اليڪشن شفاف ٿيندي، کير جو پاڻي پاڻي ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو