غوثپور (عبدالنبي ملڪ) دراني مھر ٿاڻي جي حد ڳوٺ نظر محمد ميراڻي جي رھواسي ۽ چوپائي مال جي ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ ميراڻي کي گذريل ڏينهن موٽر سائيڪل تي سوار ٻن اڻ ڄاتل ماڻھن کيس اھو چئي ڪچي وٺي ويا ته سندن چوپائي مال ۾ گھوگھي جي بيماري حملو ڪيو آھي اوھان ھلي علاج ڪريو. جنھن بعد شام تائين ڊاڪٽر جڏھن واپس نه آيو ته گھر ڀاتين سندس ڳولا شروع ڪئي ته سندس فون نمبر ايس پي آفيس مان ٽريس ڪرايو ويو ته سندس لوڪيشن ڪچي طرف ملي ۽ شام کان پوءِ نمبر بند ٿي ويو. وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر کي چوپائي مال جي علاج بھاني گھرائي باندي بڻائي رکيو ويو آھي. متاثر وارثن ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو آھي ته مغوي کي ترت بازياب ڪرايو وڃي.










