اسٽيٽ بينڪ جي لاچاري،ڪابينا مان فنڊ منظور، اسيمبلي پاران رد

اسٽيٽ بينڪ جي لاچاري،ڪابينا مان فنڊ منظور، اسيمبلي پاران رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا پنجاب ۾ چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي فنڊ ڏيڻ جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خواجا آصف، راڻا تنوير، اياز صادق، امير مقام، مرتضيٰ جاويد عباسي، راڻا ثناءُ الله، مصدق ملڪ، اسد محمود، شاهه زين بگٽي، رياض پيرزادو ۽ حنا رباني کر شرڪت ڪئي. ڪابينا اجلاس ۾ فنڊن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي غور ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ڪابينا پنجاب ۾ چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي فنڊز فراهم ڪرڻ جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي.وفاقي ڪابينا سمري جي منظوري ڏيندي فنڊنگ جو معاملو قومي اسيمبلي ڏانهن اماڻي ڇڏيو….قومي اسيمبلي پنجاب جي چونڊن لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ بابت رٿ اڪثريتي راءِ سان رد ڪري ڇڏي.اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ ڪابينا طرفان ريفر ڪيل سمري رٿ طور ايوان ۾ پيش ڪئي.اسٽينڊنگ ڪميٽي قومي اسيمبلي جي منظوري بنا فنڊ جاري نه ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي.قومي اسيمبلي پنجاب ۾ چونڊن لاءِ 21 ارب رپين جي فنڊ جي ضمني گرانٽ جي ڊمانڊ اڪثريتي راءِ سان رد ڪري ڇڏي.رٿ منظور ٿيڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي 12 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو…..اسٽيٽ بينڪ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پنجاب ۾ چونڊن لاءِ سڌا فنڊ جاري ڪرڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي اسٽيٽ بينڪ جي وقتي گورنر سيما ڪامل چيو آهي ته عدالتي حڪم تي فنڊز رکيا ويا آهن پر اهي جاري نه ٿا ڪري سگهون قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي سيما ڪامل چيو ته عدالتي حڪم تي رکي پئسا اڪائونٽ ۾ موجود رهندا، اسان کي اهي پئسا جاري ڪرڻ جا اختيار نه آهن سپريم ڪورٽ اسٽيٽ بينڪ کي پنجاب ۾ چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي اڄ تائين 21 ارب روپين جا سڌا فنڊ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم جو جائزو ورتو ويو ڪميٽي جي ميمبر برجيس طاهر چيو ته سپريم ڪورٽ هاڻي آرٽيڪل 84 ۾ به پنهنجي مرضيءَ جي ترميم ڪري، اسٽيٽ بينڪ جو اليڪشن ڪرائڻ لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ قانون جي خلاف آهي، رڳو پنجاب ۾ چونڊون ٿيون ته ان سان ننڍن صوبن جو استحصال ٿيندو قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته صوبائي چونڊن تي ٻيهر خرچ ملڪي مفاد ۾ نه آهن

پهنجو تبصرو موڪليو