چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي مرتضيٰ وهاب کي نوٽيس جاري

چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي مرتضيٰ وهاب کي نوٽيس جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اليڪشن ڪميشن چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي، مرتضيٰ وهاب کي اڄوڪي پريس ڪانفرنس دوران هڪ سياسي جماعت جي حمايت ڪرڻ تي نوٽيس جاري ڪيو ويو،نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته ميئر ڪراچي اخلاقي ضابطي جي شق 18 ۽ 41 جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، اخلاقي ضابطن تحت ميئر ۽ ناظم ڪنهن سياسي جماعت جي حمايت نه ٿا ڪري سگهن،اليڪشن ڪميشن ميئر ڪراچي کي سڀاڻي تائين وضاحت پيش نه ڪرڻ جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي جي وارننگ پڻ ڏني آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو