ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ملي يڪجھتي ڪائونسل سنڌ جي صدر ۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسداللہ ڀٽو چيو آھي تہ ديني جماعتون ملڪ ۾ اسلامي قدرن ء نظرياتي سرحدن جون محافظ آھن اسلام ۽ نظريہ پاڪستان ئي ملڪ جي ترقي بقاءَ توڙي سلامتي جو ضامن آھي 08 فيبروري تي نظريہ پاڪستان جي محافظن ۽ امريڪي يارن وچ ۾ مقابلو ٿيندو، ديني جماعتون مشترڪات تي متحد ۽ نظرياتي سرحدن خلاف ڪابہ سازش ڪامياب ٿيڻ ڪونہ ڏينديو. اھڙن خيالن جو اظھار ھن ناظم آباد ۾ جماعت اھلحديث سنڌ جي صدر مولانا خورشيد شيخ جي وفات تي پٽ علامہ عامر عبدالله محمد ي سان تعزيت بعد ڳالھ ٻولھ دوران ڪيو. مولانا اسدالله ڀٽو وڌيڪ چيو تہ حماس جي مجاھدن ۽ فلسطيني عوام پوري دنيا ۾ جھاد جي ڪلچر کي زندھ، مسلمان امت کي بيدار پاڻ کي سپر پاور سمجھندڙ ظالم رياست اسرائيل کي ڏينھن جا تارا ڏيکاري تڪبر ۽ غرور کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آھي. ھن چيو حق ء باطل جي معرڪي ۾ نيڪ ۽ ديندار، ايماندار ماڻھن کي ڪامياب ڪيو وڃي تہ جئين تحريڪ پاڪستان جي شھيدن جو اسلامي فلاحي ۽ جمھوري رياست وارو خواب ساڀيان ٿي سگھي. ھن مرحوم جي مغفرت درجات بلندي ۽ پونيئرن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.ان موقعي تي سيڪريٽري اطلاعات مجاھد چنا، جماعت اھلحديث جا حشمت اللہ صديقي، عمران احمد سلفي، عبدالحسيب چوھاڻ ۽ قاري حسنين چشتي ہڻ موجود ھئا.










