ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ پي پي اڳواڻ ميان رضا رباني وفاقي هڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته تڪراري چولستا ڪينال تي فوري ڪم بند ڪري سي سي آءِ جو اجلاس گهرائي سنڌ جي خدشن جو ازالو ڪيو وڃي. هن اڄ جاري ڪيل هڪ بيان ۾ سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي (سي ڊي ڊبليو پي) پاران سنڌ جي اعتراضن با وجود رٿا جي منظوري جي مذمت ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت فوري طور ڪائونسل اف ڪامن انٽريسٽ يعني سي سي آءِ جو اجلاس گهرائي، جيڪو آئيني مدت 90 ڏينهن گذرن باوجود ناهي طلب ڪيو ويو. هن چيو ته سي سي آءِ کانسواءِ ايڪنيڪ ۾ هي رٿا منظوري لاءِ پيش نه ڪئي وڃي. سنڌ پڇڙي وارو صوبو آهي، جتي اڳ ۾ ئي پاڻي جي کوٽ آهي، ان ڪري سنڏ جا خدشا دور ڪيا وڃن. ياد رهي ته سي ڊي ڊبليو پي سنڌ جا اعتراض رد ڪندي 211.399 ارب روپين جي هن رٿا جي منظوري ڏني هئي. سنڌ جي آبپاشي وزير ڄام خان شورو گزريل ڏينهن چيو هو ته سنڌ ۾ هن وقت به 20 کان 30 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي، صوبي جي اڪثريت جي جياپي جو ذريعو زراعت آهي، پاڻي جي کوٽ سبب هر سال سنڌ کي 2 کان 3 ارب دالر جو نقصان ٿي رهيو آهي. سنڌ م قومپرست ڌريون به سراپا احتجاج آهن ۽ اربع تي ٻٻرلوءِ وٽ نيشنل هاءِ وي بند ڪري ڌرڻو هنيو ويو . قومپرستن جي دعويٰ آهي ته پنجاب جي چولستان ۾ رٽائرڊ فوجي جرنيلن جون بنجر زمينون آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي زرخير زمين کي بنجر بڻايو پيو وڃي.










