ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ربيع الاول مهيني جو چنڊ نظر نه آيو.مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ ڪوئيٽا ۾ ٿيو، جنهن ۾ ٻين ميمبرن ۽ موسميات کاتي جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي.ملڪ ۾ ڪٿان به چنڊ نظر نه اچڻ جون شاهديون ملڻ کانپوءِ اعلان ڪيو ويو.مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي موجب ملڪ ۾ ربيع الاول جو چنڊ نظر نه آيو، پهرين ربيع الاول 28 سيپٽمبر اربع تي هوندي، جڏهن ته 12 ربيع الاول (عيد ميلاد النبي صه) 9 آڪٽوبر تي ملهائي ويندي.










