چنا برادري جي عورتن جو پوليس جي ظلمن خلاف احتجاج

صوڀوديرو(مظهر علي منڱڻيجو) ڪچي جي علائقي پير حسين شاھ جي رھواسين چنا برادري جي عورتن، مردن ۽ معذور خدابخش چنو، نينگر معشوق، وزير علي چنو، ساجن، عاشق، مولابخش، مسمات ڪائنات،ڄامل خاتون، رضيہ خاتون ۽ ٻين  قرآن پاڪ مٿي تي کڻي ڊي ايس پي ٺري ميرواه، ڊي ايس پي سوڀوديرو، ايس ايڇ او پيروسڻ ۽ ايس ايڇ او سوڀوديرو خلاف ڳوٺ ٻڍو حطار ڀرسان  احتجاجي مظاھرو ڪندي دانھيندي چيو ته پير وسڻ مان اغوا ڄاڻايل عورت مسمات نسيما زال رمضان بھلڪاڻي کي اسان اغوا نه ڪيو آھي ھنن چيو ته ٽي مھينا ويھ ڏينھن اڳ  سائينداد چنو  جي گھر مان نوجوان ناري نجمه چنا ڌي سائينداد چنوکي بھلڪاڻي ھٿياربند اغوا ڪري ويا جنھن جو ڪيس پڻ پيروسڻ ٿاڻي تي داخل آھي جيڪا اڄ ڏينھن تائين گم آھي. جڏھن ته سائينداد چنو ھتان ٽيھ سال اڳ لڏي ويو آھي جنھن سان اسان جو ڪو به تعلق نه آھي نه اسان ڏي ايندو آھي نه وري اسان ان ڏانھن ويندا آھيون گذريل  ٻه ڏينھن اڳ ڊي ايس پي ٺري ميرواه، ڊي ايس پي سوڀوديرو، ايس ايڇ او پيروسڻ، ايس ايڇ او سوڀوديرو ٻن بڪتر بند گاڏين ۽ ٽيھ پوليس موبائلون ساڻ ڪري چنا برادري جي گھرن ۾ ڪاھ ڪري عورتن ٻارن ۽ مردن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي روڪ رقم، سولر پليٽون، بيٽرين سميت ڪافي ساماڻ پيتيون ڀڃي ڦرلٽ ڪيو ٻن  معصوم ٻارن سميت ستن عورتن مسمات صابل،  مسمات آمنت ان جي ڏيڍ سال جي معصوم ڌيءَ،  حرمت، منور خاتون، جميلا ۽ ان جي ڇھن مھينن جو پٽ، مسمات عجيبان، حسنا ۽ مردن اقبال، خان محمد، خيرمحمد، امام بخش، پريل،  انور، اويس ۽ شڪيل چنو کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي ۽ پنجاه کان وڌيڪ ٻڪريون، ڇيلا، مينھون، پاڏا، وڇيرون پڻ پوليس ڪاھي وئي آھي  گھرن ۽ درگاه حسين شاه تي پوليس ويھي رھي آھي جتي ڳوٺاڻن جا زبردستي ڇيلا ۽ ڪڪڙ ڪھي کائي رھيا آھن.

پوليس گردي سبب خوف ۾ ڪيترائي رھواسي گھر خالي ڪري ويا آھن. معذور پيرسن خدا بخش چنو روئيندي صحافين کي چيو ته مان اڌ رنگي جي بيماري ۾ معذور آھيان پٽ پوليو جو مريض آهي ڪمائڻ وارو ڪوبه نه آھي پوليس ڦرلٽ سان گڏ منھنجي گھر واري منور خاتون ۽ ڌي جميلا کي به کنڀي ويا آھن ڳوٺاڻن چيو ته اسان پنھنجا گھر پوليس جي ظلم کان ڇڏي پاڻ مٽن مائٽن ۽ فصلن ۾ لڪي درپدر ٿي رھيا آھيون. ٻئي طرف صحافين جي ٽيم جڏھن درگاه حسين شاھ تي پھتي ته اتي موجود پوليس اھلڪارن جتي پوليس موبائيل ۽ بڪتر بند گاڏي سميت ڏھ اھلڪار موجود ھيا ايس ايڇ او سيٺارجا چيو ته مووي نه ڀريو اسان کي مٿان جو حڪم آھي جنھن ڪري ڪئمپ ھنئي آھي موقف ڊي ايس پي سوڀوديرو ڏيندو. ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي سوڀوديرو عبدالستار اڄڻ سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن ڪال اٽينڊ نه ڪئي. ڳوٺاڻن چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ، آرمي چيف، وزيراعلي سنڌ،  آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته پوليس گردي جو نوٽيس وٺي کنڀي گم ڪيل عورتن معصوم ٻارن ۽ مردن کي آزاد ڪري ڦرڪيل سامان واپس ڪرائي پوليس خلاف قدم کڻي تحفظ ۽ انصاف ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو