چلي (ويب ڊيسڪ)چلي ۾ پهريون ڀيرو انسانن ۾ برڊ فلو وائرس جي تشخيص ڪئي وئي آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب چلي جي صحت واري وزارت چيو آهي ته 53 سالن جي شخص ۾ برڊ فلو جي تصديق ٿي جنهن ۾ انفلوئنزا جون سخت علامتون آهن.صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته برڊ فلو سبب متاثر شخص جي حالت بهتر آهي.آفيسرن چيو ته اهي برڊ فلو جي ذريعن جي تحقيق ڪري رهيا آهن ۽ مريض ڪنهن سان رابطي ۾ آيو.










