پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي ڏوراهين علائقي ڍيري بانڊه ۾ زمين جي تڪرار تان ڌرين ۾ فائرنگ سبب 6 ڄڻا مارجي ويا.پوليس اختيارين موجب ڪوهاٽ جي ڏوراهين علائقي ڍيري بانڊه ۾ زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ عورت سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس اختيارين ٻڌايو آهي ته شروعاتي جاچ ۾ خبر پئي آهي ته چاچي ۽ ڀائٽي وچ ۾ زمين جو تڪرار هلي رهيو هو. جنهن کي حل ڪرڻ جي لاءِ خاندان جي وڏن معاملي کي حل ڪرڻ جي لاءِ جرڳو گهرائي رکيو هو ۽ ان دوران ڌرين ۾ منهن ماري ٿي، جنهن کان پوءِ معاملو هاٿاپائي ۽ فائرنگ تائين وڃي پهتو.اختيارين ٻڌايو آهي ته ٻنهي طرفن کان ڌرين جا ويجها مائٽ موجود هئا ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ ان خاندان جا 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 سخت زخمي ٿي پيا. لاشن ۽ زخمين کي ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.










