چاچي هٿان نوجوان ناري ڪاري ڄاڻائي قتل؟

پڊعيدن(مجاهدشر) ڳوٺ جمع خان چانڊيو ۾ نوجوان ناري 18 ورهين جي فضيلا ڌي صدورو چانڊيو کي مبينه طور سندس چاچي نظرمحمد ڪارنهن الزام ۾ تشدد ڪري قتل ڪيو. پوليس اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي لاش سول اسپتال پهچايو جتي پوسٽ مارٽم ڪري لاش والد جي حوالي ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو تہ ظاهري طور ڪي به نشان نظر نٿا اچن جزا روهڙي موڪليا آھن ۽ رپورٽ اچڻ بعد مڪمل خبر پوندي. ٻئي طرف علائقي ۾ ناري کي زهر ڏيئي مارڻ جو چوٻول آهن، ناري جي پيءُ ٻڌايو ته اسان ڀائر پاڻ ۾ هاٿاپائي ڪئي ته منهنجي نياڻي کي دل جو دورو پيو جنهن ڪري فوت ٿي ويئي. ڊي ايس پي ايوب درس ٻڌايو ته واقعو قتل جو لڳي رهيو آھي واقعي جي جاچ جاري آھي الزام هيٺ آيل ناري جي چاچي کي گرفتار ڪري ورتو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو