چاچا عيد جي خرچي ڏيو، افتخار جو مداحن سان مشورو

چاچا عيد جي خرچي ڏيو، افتخار جو مداحن سان مشورو

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽسمين افتخار احمد جنهن کي ساٿي رانديگر افتي ڀائي ۽ چاچا چئي پڪاريندا آهن، تنهن توئٽر تي هڪ ويڊيو شيئر ڪري مداحن کان مشورو گهريو آهي. ويڊيو جي هڪ حصي ۾ ڊريسنگ روم ۾ ڪپتان بابر ۽ محمد رضوان کيس چون ٿا ته چاچا عيدي ڏيو.


وري آواز اچي ٿو ته 100 روپيا ئي ڏيو پر عيدي ڏيو. جنهن بعد عماد وسيم، حارث رئوف ۽ ٻيا گرائونڊ ۾ کانئس ساڳيو مطالبو ڪن ٿا. افتخار کلندي کين ٽاري ٿو. مداحن سندس ٽوئيٽ تي دلچسپ تبصرا ڪيا آهن، ڪنهن چيو ته نسيم شاهه کي ته ضرور ڏيو، ڪنهن چيو ته نيوزيلينڊ خلاف آخري ميچ ۾ ڇڪن جي عيدي ڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو