لنڊن (ويب ڊيسڪ)برطانوي ولي عهد شهزادي چارلس جو نئون فنڊ ريزنگ اسڪينڊل سامهون آيو آهي جڏهن ته سندس خيراتي اداري کي اسامه بن لادن جي خاندان کان 1 ملين پائونڊ مليا، جنهن جي تصديق شهزادي چارلس جي آفيس به ڪئي.برطانوي ميڊيا موجب شهزادي چارلس کي خبردار ڪيو ويو هو ته ائين ڪرڻ سان قومي ناراضگي پيدا ٿي سگهي ٿي پر هن ان ڳالهه کي نظرانداز ڪيو.ميڊيا رپورٽن موجب اها رقم لادن خاندان جي شيخ بڪر بن لادن ۽ سندس ڀاءُ شيخ شفيق طرفان شهزادي چارلس جي خيرات ۾ ڏني وئي هئي.ڪلارنس هائوس جو چوڻ آهي ته پرنس چارلس نه ته ڊيل ۾ دلالي ڪئي ۽ نه ئي ان کي قبول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، عطيو قبول ڪرڻ جو فيصلو پرنس آف ويلز جي چيريٽيبل فنڊ جي ٽرسٽيز ڪيو.










