اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي گهرو وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته جڏهن کان هو پيدا ٿيو آهي تڏهن کان ٻڌي رهيو آهيان ته فوج جو سياست سان ڪو به تعلق ناهي.هڪ بيان ۾ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو ته ايندڙ مهيني جي 30 تاريخ تائين سڀني کي سامهون اچي ويندو ته عمران خان کي ڪيئن اقتدار تان هٽايو ويو، جيڪڏهن ڪير روڪي سگهي ٿو.










