اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) اسان وٽ ڪافي ثبوت آهن ۽ ڪنهن به آزادانه طور ٿيندڙ جاچ/ انڪوائري ۾ پيش ڪري اهو ثابت ڪري سگهون ته ايجنسين جا اهلڪار ڪجهه هنڌن تي باهه ڏيڻ ۽ فائرنگ وغيره ۾ افراتفري پيدا ڪرڻ ۾ِ ملوث هئا جنهن جو الزام تحريڪ انصاف تي لڳائي قيادت ۽ ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي.
ہمارے پاس کسی بھی آزادانہ تحقیق/انکوائری میں پیش کرنے کے لیے کافی شواہد موجود ہیں جن سے یہ ثابت ہوتا ہے کہ جلاؤ گھیراؤ اور بعض مقامات پر فائرنگ وغیرہ میں ایجنسیوں کے اہلکار ملوث تھے تاکہ افراتفری پھیلائی جائے جس کا الزام تحریک انصاف پر دھرا جائے اور اس کے خلاف جاری کریک ڈاؤن کا… https://t.co/I005g0SDV0 pic.twitter.com/MsNuEy4rHV
— Imran Khan (@ImranKhanPTI) May 15, 2023
اسان جي سينٽرل پنجاب جي صدر ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ منهنجي ڀيڻ واضح طور تي احتجاج ڪندڙن تي زور ڏئي رهيون آهن ته جناح هائوس کي نقصان نه پهچايو وڃي. بلاشڪ اِهو انهن ماڻهن جو هڪ ڄار آهي جنهن هيٺ تحريڪ انصاف خلاف جاري ڪريڪ ڊائون کي تيز ڪرڻ ۽ مون سميت اسان جي سينيئر اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جيلن ۾ وجهي اهو واعدو پورو ڪرڻ لاءِ وڇايو ويو هو. اهو واعدو (آرمي چيف)لنڊن پلان تحت نوازشريف سان ڪيو آهي جيڪو پورو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته لنڊن پلان موجب مونکي بغاوت جي ڪيس ۾ 10 سال جيل موڪليندا، بشريٰ بيبي جي تذليل ڪري مونکي اذيت پهچائيندا ۽ پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي پارٽي تحريڪ انصاف تي پابندي هڻندا.










