ڀٽائي ڪالوني ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف اختيارين کي نوٽيس

ڀٽائي ڪالوني ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف اختيارين کي نوٽيس

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪورنگي ڀٽائي ڪالوني ۾ غير قانوني ڪمرشل اڏاوتن خلاف درخواست تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪورنگي ڀٽائي ڪالوني جي رهائشي پلاٽ تي ڪمرشل اڏاوتن ڪرڻ خلاف شهري گل شير پاران درخواست داخل ڪئي وئي آهي۔درخواستگزار جي وڪيل عثمان فاروق عدالت ۾ مؤقف پيش ڪندي چيو ته رهائشي پلاٽ تي ڪمرشل تعميرات ماسٽر پلان جي کليل ڀڃڪڙي آهي، نهن خلاف مختلف کاتن ۾ شڪايتون به داخل ڪيون ويون پر ڪابه ڪارروائي نه ٿي۔درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي ته غير قانوني اڏاوتن کي فوري طور مسمار ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ انهن کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي۔ درخواست ۾ مطالبو ڪيو ويو ته بِلڊر کي درخواستگزار خلاف ڌمڪيون ڏيڻ يا ڪنهن به قسم جي ڪارروائي کان روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي۔عدالت سنڌ حڪومت، لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتو، ڊپٽي ڪمشنر ڪورنگي، ڪورنگي ڪنٽونمينٽ بورڊ سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو