هڪ ئي گهر جي 9 ڀاتين جي تدفين، علائقي ۾ ماحول سوڳوار

ڳڙهي ياسين (رپورٽ شفيق مهر) انڊس هاءِ وي تي پيش آيل خوفناڪ حادثي ۾ فوت ٿيل بهلڪاڻي خاندان جي 9 ڀاتين جي تدفين ڪئي وئي. پوري علائقي ۾ ماحول سوڳوار هو. ڪالهه ڀيو واهه وٽ ٻن ڪارن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿيڻ سبب عمرو ڪري گهر واپس ايندڙ هڪ ئي خاندان جي 9 ڀاتين سميت فوت ٿي ويل جو انگ 10 ٿي ويو هو. حادثي وقت موقعي تي 2 ڄڻا فوت ٿيا هئا، 6 زخمي شڪارپور اسپتال ۾ ڊاڪٽر ۽ بجلي نه هئڻ سبب تڙپي ٽڙپي فوت ٿيا هئا. شڪارپور اسپتال جي ايمبولينس ۾ تيل نه هجڻ سبب لاش ۽ زخمين کي رڪشن ۽ پوليس موبائيل ۾ اسپتال پهچايو ويوهو. زخمين کي نازڪ حالت ۾ لاڙڪاڻي نيو ويو جتي ٻه زخمي فوت ٿي ويا. تفصيلي خبر موجب، شڪارپور ڀرسان ڪرن ٿاڻي جي حد ۾ انڊس هاءِ وي ڀيو واھ اسٽاپ وٽ خوفناڪ روڊ حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ عمرو ڪري واپس گهر ايندڙ بدنصيب خاندان جي 9 ڄڻن سميت 10ماڻھو اجل جو شڪار بڻجي ويا هئا. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ويندڙ جي ايل آءِ ڪار ۽ جيڪب آباد ويندڙ مهراڻ ڪار ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿي پيوهو. جنهن دؤران 2 ماڻھو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏھن ته معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت 12 ماڻھو سخت زخمي ٿي پيا، جن کي مقامي ماڻھن رڪشن ۽ پوليس موبائيل ذريعي آر بي يو ٽي سِول اسپتال شڪارپور آندو جتي بروقت علاج نه ٿيڻ سبب وڌيڪ 6 ماڻھن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيوهو. جڏهن ته حادثي ۾ زخمي ٿيل عورت ۽ پنجن مردن کي نازڪ حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو،هوڏانهن حادثي ۾ مري ويلن ماڻھن جي ٽن ڪلاڪن کانپوءِ سڃاڻپ ڪئي وئي جن ۾ ھڪ ئي خاندان جا 65 سالا پيرسن گلاب بهراڻي، سندس پٽ 40 سالا دلمراد بهراڻي، پوٽو 9 سالن جو فهد بهراڻي، 14 سالن جي پوٽي عذرا بهراڻي، 35 سالا زينت ۽ زال حوران بهراڻي، سندس 5 سالن جو پٽ ياسر بهراڻي ۽ 10 سالن جو ياسين بهراڻي شامل هئا جيڪي 2 ڏينهن اڳ عمروڪري ڪراچي کان واپس ڳوٺ ٺل ڀرسان زنگيپور اچي رهيا هئا ته حادثي جو شڪارٿي ويا هئا. جڏهن ته هڪ فوتي 60 سالا نماڻو سمون لاڙڪاڻي واسي ٻُڌايو پيو وڃي ۽ زخمين ۾ فنڪارا ليلان سمون، سندس ڀيڻ شبوسمون، ڊرائيورجانب چانڊيو، عزيز سندراڻي، ڪامران سمون  ۽ پپن ساماڻو شامل آهن جيڪي پڻ لاڙڪاڻي جا رهواسي آھن. هوڏانهن واقعي جو اطلاع ملڻ کانپوءِ فوتين جا وارث شڪارپور اسپتال پهتا، جتان ضروري ڪارروائي بعد پنهنجن عزيزن جا مڙھ کڻائي اباڻي ڳوٺ روانا ٿي ويا. جڏھن ته حد جي پوليس حادثي جو شڪار ٿيل گاڏيون پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيون آهن. خبر فائيل ٿيڻ تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو. ٻئي طرف سول اسپتال شڪارپور ۾ عملو موجود نه ھجڻ ۽ بجلي غائب ٿيڻ سبب زخمي ٿڙپندا رهيا، جڏھن ته ايمبولينس جيان جنريٽر ۾ به تيل نه هو ان موقعي تي شھرين پاران اسپتال انتظاميا مٿان سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ويو. اسپتال ۾ جيئن حادثي جو اطلاع مليو ته تيل نه هجڻ سبب ڊرائيور وڃڻ کان انڪار ڪيو. بعد ۾ زخمين کي لاڙڪاڻي منتقل ڪرڻ وقت ڊرائيور چيو ايمبولينس خراب آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو