ڀتو وٺڻ جو الزام ثابت، ايس آءِ يو جا 9 اهلڪار معطل

ڀتو وٺڻ جو الزام ثابت، ايس آءِ يو جا 9 اهلڪار معطل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ شهريءَ کي کنڀي ڀتو وٺڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي ايس آءِ يو جي سب انسپيڪٽر ۽ اي ايس آءِ سميت 9 اهلڪار معطل ٿي ويا ايس ايس پي ايس آءِ يو عديل چانڊيو واقعي جي جاچ ڪرائڻ بعد ايڪشن کنيو، ايس آءِ يو جي انسپيڪٽر اختر علي، اي ايس آءِ شهباز خان ۽ ٻين اسڪيم 33 جي هڪ شهري کي حراست ۾ ورتو هو ايس آءِ يو جي آفيسرن ۽ اهلڪارن آمريڪي ڊالرز ۾ لکين روپيا ڀتو وٺڻ بعد شهريءَ کي ڇڏي ڏنو معطل ڪيل اهلڪارن ۾ هيڊ ڪانسٽيبل مصطفيٰ، عبدالوسيم، ڪانسٽيبل فاروق احمد، عمر خان، وقار، همايون بيگ ۽ عامر شهزاد شامل ايس ايس پي عديل چانڊيو چيو ته اهلڪارن رقم ڪيئن ۽ ڪٿان وصول ڪئي ان جي جاچ جاري آهي

پهنجو تبصرو موڪليو