نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) انڊين ميڊيڪل ايسو سيئيشن جي سڏ تي سڄي هندستان جي اسپتالن ۽ ڪلينڪس ۾ ٻن ڏينهن واري هڙتال آهي. ڪلڪتي جي هڪ اسپتال ۾ 31 سالن جي ڊاڪٽرياڻي کي ريپ بعد قتل واري واقعي خلاف اعلانيل هڙتال آچر تي به جاري رهندي. ڇنڇر تي ايمرجنسي ڪيسن کان سواءِ مريضن کي هر اسپتال مان واپس ڪيو پيو وڃي جنهن سبب مريض پريشان آهن. 10 لک کان وڌيڪ ڊاڪٽرن جي هڙتال ۾ شامل ٿيڻ جي توقع آهي. هڙتال سبب دنيا جي سڀ کان وڌيڪ آبادي واري ملڪ ۾ 10 سالن ۾ پهريون ڀيرو ايڏي وڏي هڙتال ڪئي وئي آهي جنهن قوم ۾ طبي خدمتن کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته 2012 ۾ نئين دهلي جي هلندڙ بس م هڪ عورت سان گينگ ريپ بعد قتل جو واقعو پيش آيو هو.










