ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي رياست اوڙيسه جي بالاسور ضلعي ۾ 2 مسافر ريل گاڏين ۽ مال بردار ٽرين وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ وڌندو پيو وڃي ڀارتي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن پيش ايندڙ حادثي ۾ فوتين جو انگ 288 ٿي ويو آهي جنهن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو.خوفناڪ حادثي ۾ 900 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن جو مختلف اسپتالن ۾ علاج هلندڙ آهي، جڏهن ته حادثي واري هنڌ تي امدادي ڪارروايون جاري آهن.رپورٽن مطابق ڪولڪتا ويندڙ مسافر ٽرين جون 12 کان 15 ڪوچون پٽڙي تان لهي ويون ۽ ٻئي ٽريڪ تي ڪري پيون، جڏهن ته ٻئي ٽريڪ تي يشونت پور-هائوڙا مسافر ٽرين متاثر ڪوچ سان ٽڪرائجي وئي.ڀارتي ميڊيا موجب ريلوي واري وزير ٽرين حادثي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.ڀارتي رياست اوڙيسه ۾ خوفناڪ ٽرين حادثي کانپوءِ اڄ هڪ ڏينهن جي سوگ جو اعلان ڪيو ويو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب وزيراعظم نريندر مودي حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي فوت ٿيلن جي وارثن لاءِ 2 لک رپيا امداد جو اعلان ڪيو ۽ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس به طلب ڪيو.ڀارتي وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا جو مطالبو ڪيو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب ريلوي واري وزير اشوني وشنو ۽ اوڊيشا جي وڏي وزير حادثي واري هنڌ جو دورو ڪيو ۽ ڄاڻ حاصل ڪئي.ڪينيڊا جي وزيراعظم ۽ تائيوان جي صدر به ڀارت ۾ ٽرين حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.










