ڀارت ۾ فيس بڪ،انسٽا،واٽس ايپ،ٽوئٽر تي پابندي جو امڪان

.نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ سوشل ميڊيا جي مشهور ترين نيٽ ورڪنگ سائٽس، فيس بڪ، انسٽا گرام، واٽس ايپ ۽ ٽوئٽر تي اڄ کان پابندي لڳائڻ جو امڪان آهي.ڀارتي ميڊيا موجب  ڀارت ۾ سوشل نيٽ ورڪنگ سائٽس اڄ کان انفارميشن ٽيڪنالاجي جي نئين قانون  جي وڪڙ ۾ آهن ۽ ان پابندي کان بچڻ جي لاءِ سمورن سوشل ميڊيا سائٽس کي نئين آءِ ٽي قانون تي عمل ڪرڻو پوندو. ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي حڪومت 3 مهينا اڳ سوشل  نيٽ ورڪنگ سائٽس کي پنهنجي نئين هدايتن بابت آگاهه ڪيو هو ۽ چيو هو ته ڪمپنيون جلد نئين قانون جي تعميل ڪن.ڀارتي حڪومت جي نئين قانون جي تحت سوشل ميڊيا پليٽ فارم کي ڀارت ۾  شڪايتن جي لاءِ پنهنجا آفيسر مقرر ڪرڻا پوندا ۽ ڀارتي اختيارين جي شڪايت تي ڪنهن به مواد کي 36  ڪلاڪن جي اندر هٽائڻو پوندو. آءِ ٽي جي نئين قانون تي عمل ڪرڻ بابت گوگل ۽ فيس بڪ جو چوڻ آهي ته نئين قانون تي عمل ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون.واضح رهي ته ڀارتي حڪومت طرفان سوشل نيٽ ورڪنگ سائٽس کي ڏنل ڊيڊ لائن جو وقت ختم ٿي چڪو آهي جنهن کان پوءِ نوان قانون اڄ کان لاڳو ٿي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو