اسلام آباد(بيورو)واپار واري وزارت چيو آهي ته ڀارت سان واپاري پاليسي ۾ ڪابه تبديلي نه ڪئي وئي آهي.واپار واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت ۾ واپار واري وزير جي مقرري جو واپار جي بحالي سان ڪو به تعلق ناهي، موجوده حڪومت نئين دهلي سميت 15 واپاري آفيسرن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.واپار واري وزارت موجب ٽريڊ آفيسرن جي مقرري جي سمري پهرين اپريل 2022 تي موڪلي وئي هئي، موجوده حڪومت گذريل حڪومت جي ٽريڊ آفيسرن جي مقرري جي منظوري ڏني هئي.










