ڀارت سان جنگ ۾ پاڪستان فاتح قرار، ڪانگريس ۾ رپورٽ پيش

ڀارت سان جنگ ۾ پاڪستان فاتح قرار، ڪانگريس ۾ رپورٽ پيش

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي ڪانگريس ۾ جمع ڪرايل هڪ رپورٽ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هن سال مئي ۾ ٿيل چار ڏينهن واري جنگ دوران پاڪستان جي “فوجي ڪاميابي” جو ذڪر ڪيو ويو آهي. “پاڪستان جي چار ڏينهن واري فوجي ٽڪر ۾ ڀارت مٿان فوجي ڪاميابي چيني هٿيارن کي نمايان ڪري ڇڏيو،” اها ڳالهه آمريڪي ڪانگريس ۾ اڱاري ڏينهن جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چئي وئي، جيڪا يو ايس-چائنا ايڪنامڪ اينڊ سيڪيورٽي ريويو ڪميشن طرفان تيار ڪئي وئي آهي، جيڪا آمريڪا ۽ چين جي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي قومي سلامتي تي پوندڙ اثرن بابت رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. پاڪستان شروع ۾ چيو هو ته هن هوائي جنگي مقابلي ۾ ڀارت جا پنج جهاز ڪيرايا، پوءِ هنن انگ کي وڌائي ست ڪيو. اسلام آباد پنهنجي ڪنهن به جهاز جي نقصان ٿيڻ کان انڪار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته 3 ڀارتي ايئربيسز کي نشانو بڻائڻ سميت 26 ڀارتي هدفن تي حملو ڪيو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، جيڪو ڇڪتاڻ بابت لڳاتار بيان ڏيندو رهيو آهي، تازو چيو هو ته ڀارت جا“اٺ جهاز” بنيادي طور تباهه ٿيا. سالياني رپورٽ ۾ ڪميشن مئي واري ڇڪتاڻ جو حوالو ڏيندي چيو ته چين هن صورتحال کي “پنهنجي دفاعي صلاحيتن ۽ هٿيارن کي آزمائڻ ۽ اجاگر ڪرڻ” لاءِ استعمال ڪيو. ڪانگريس ۾ جمع ڪرايل رپورٽ چين جي هن ڇڪتاڻ ۾ ڪردار کي پڻ نمايان ڪيو، جنهن موجب دنيا جي نظر ان وقت هن طرف وئي، ڇو ته “پاڪستان جي فوج چيني هٿيارن تي ڀاڙيو ۽ چيني انٽيليجنس جو فائدو ورتو.” رپورٽ نئين دهلي جي ان دعويٰ جو به ذڪر ڪري ٿي ته چين پاڪستان کي “ڀارتي فوجي مورچن بابت پل پل جي سڌي معلومات” ڏئي رهيو هو، پر “پاڪستان انهن الزامن کي رد ڪيو ۽ چين نه انهن جي تصديق ڪئي ۽ نه ئي ترديد.” رپورٽ موجب، چين 2025 ۾ پاڪستان سان پنهنجو فوجي سهڪار وڌايو، جنهن سان ڀارت سان سندس سلامتي واري ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ تيزي آئي. 2024 جي نومبر ۽ ڊسمبر ۾ چين ۽ پاڪستان ٽن هفتن تي ٻڌل Warrior-VIII نالي دهشتگردي مخالف مشقون ڪيون، ۽ هن سال فيبروري ۾ چين جي بحريه پاڪستان جي گهڻ ملڪي AMAN مشقن ۾ شرڪت ڪئي. رپورٽ موجب، اهي گڏيل مشقون ٻنهي ملڪن جي “وڌندڙ دفاعي سهڪار” کي نمايان ڪن ٿيون. رپورٽ ۾ چيو ويو ته “ڀارتي مبصرن انهن مشقن کي چين سان پنهنجي لاڳاپن جي گهٽجڻ ۽ پنهنجي سرحدي سلامتي لاءِ خطري طور ڏٺو.” مئي واري ڇڪتاڻ جو حوالو ڏيندي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، “هن ڇڪتاڻ کي ‘پراڪسي وار’ سڏڻ شايد چين جي ڪردار کي وڌائي پيش ڪرڻ برابر هجي، پر بيجنگ هن موقعي جو فائدو وٺي پنهنجن هٿيارن جي صلاحيتن کي آزمائڻ ۽ پرچار ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو، جنهن سان ڀارت سان سرحدي ڇڪتاڻ ۽ پنهنجي وڌندڙ دفاعي صنعت جا مقصد پورا ڪرڻ ۾ مدد ملي.” رپورٽ ۾ هي به چيو ويو ته چين، جيڪو پاڪستان جو سڀ کان وڏو دفاعي سامان فراهم ڪندڙ آهي، 2019 کان 2023 تائين پاڪستان جي هٿيارن جي لڳ ڀڳ 82 سيڪڙو فراهم ڪيا. رپورٽ موجب، مئي واري ڇڪتاڻ پهريون دفعو هو جو چين جا جديد هٿيار ــ جهڙوڪ HQ-9 هوائي دفاعي نظام، PL-15 ميزائل ۽ J-10 جنگي جهاز ــ عملي جنگ ۾ استعمال ٿيا، جيڪي حقيقتي ميدان ۾ هڪ وڏو تجربو ثابت ٿيا. ان ۾ هي به ذڪر ڪيو ويو آهي ته چين مبينا طور تي جون ۾ پاڪستان کي 40 J-35 پنجين نسل وارا جنگي جهاز، KJ-500 جهاز ۽ بيلسٽڪ ميزائل دفاعي نظام وڪڻڻ جي آڇ ڪئي. “ساڳئي مهيني، پاڪستان پنهنجي 2025-2026 دفاعي بجيٽ ۾ 20 سيڪڙو اضافو ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جيڪا مجموعي بجيٽ گهٽجڻ باوجود 9 ارب ڊالر تائين پهچي وئي.” “ڇڪتاڻ کان پوءِ ايندڙ هفتن ۾، چيني سفارتخانن ڀارت-پاڪستان ڇڪتاڻ ۾ پنهنجي هٿيارن جي ڪاميابين کي ساراهيو، جيئن سندن هٿيارن جي واپار کي هٿي ملي” رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي. رپورٽ فرانسيسي انٽيليجنس جي انهن الزامن جو به ذڪر ڪري ٿي ته چين “فرينچ رافيل جهازن جي خريداري ۾ رڪاوٽ وجهڻ ۽ پنهنجي J-35 لاءِ فائدو حاصل ڪرڻ” لاءِ هڪ “غلط معلوماتي مهم” هلائي ۽ “جعلي سوشل ميڊيا اڪائونٽن ذريعي AI ۽ وڊيو گيمز مان تيار ڪيل تصويرون پکيڙيون، جن کي مبينا طور ڀارتي جهازن جو ملبي ۽ تباهي جا ثبوت ڏيکاريا ويا.” پاڪستان ۽ ڀارت جي ڇڪتاڻ مقبوضه ڪشمير ۾ سياحن تي حملي کان پوءِ شروع ٿي، جنهن کي نئين دهلي بغير ڪنهن ثبوت جي پاڪستان سان ڳنڍيو. اسلام آباد ان دعويٰ کي سختي سان رد ڪيو ۽ غيرجانبدار جاچ جو مطالبو ڪيو هو. پر نئين دهلي 7 مئي تي پنجاب ۽ آزاد ڪشمير ۾ خطرناڪ هوائي ۽ ميزائيل حملا شروع ڪيا، جنهن سان چار ڏينهن واري ڇڪتاڻ جي شروعات ٿي. ٻنهي طرفن هڪ ٻئي جي ايئربيسز تي جوابي حملن جو سلسلو جاري رکيو، ۽ آخرڪار 10 مئي تي آمريڪا جي مداخلت کان پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ فائر بندي ٿي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو