ڀارت جو ڪشميرين تي ظلم ، عمران جو ڪلڀوشن کي رليف، بلاول

ڀارت جو ڪشميرين تي ظلم ، عمران جو ڪلڀوشن کي رليف، بلاول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بلاول ڀٽو زرداري ۽ ميان شهباز شريف ۾ فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. پي پي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته بلاول ڀٽو چيو ته اي پي سي کي ڪامياب بنايو ويندو، ڪشمير مسئلي تي حڪومت جي ناڪامي کي به پڌرو ڪيو ويندو. بلاول چيو ته ڀارت ڪشميرين تي ظلم پيو ڪري ۽ عمران خان ڪلڀوشن کي رليف پيو ڏئي. هن حڪومت جي دور ۾ رڪارڊ ڪرپشن ٿي آهي. هن چيوته ڪورونا وائرس جا انگ اکر لڪائي عوام جي زندگين سان کيڏيو پيو وڃي. بيان موجب شهباز شريف بلاول جي موقف سان اتفاق ڪيو. ٻلاول کيس عيد جي مبارڪ به ڏني ۽ اي پي سي بابت ڳالهايو.  

پهنجو تبصرو موڪليو