اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ڀارت جي نام نهاد جمهوري ڏهاڙي تي آزاد ۽ والاريل ڪشمير ۾ اڄ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، والاريل وادي ۾ مڪمل هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي.اڄ آزاد ڪشمير، پاڪستان ۽ مختلف ملڪن جي راڄڌانين ۾ ڀارت خلاف مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون وينديون ته جيئن عالمي برادري کي اهو پيغام ڏنو وڃي ته ڀارت ڪشميرين جي سمورن بنيادي حقن کان محروم آهي.آزاد ڪشمير جي وزير اعظم تنوير الياس چيو آهي ته ڀارت ڪشميرين کي خودمختياري ڏيارڻ جي وعدي تان ڦري رهيو آهي، ڀارت ۾ ڪا به اقليت محفوظ ناهي.حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته ڀارت 70 سالن کان ڪشميرين کي سندن آزادي، زندگي ۽ موت جي حق کان محروم رکيو آهي.هن چيو ته ڀارت کان سوال آهي ته آزادي پسند ڪشميري اڳواڻن کي ڪڏهن آزاد ڪيو ويندو؟










